تاشقند – 23 جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ تاجڪستان جي صدرن ٻه طرفي لاڳاپن کي موثر ۽ بامعنيٰ تعاون ۾ بدلائڻ ۽ گڏيل واپار جو ماپو 500 ملين ڊالر تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، شنگهائي تعاون ت??ظيم جي سربراهه اجلاس جي موقعي تي ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ صدر ممنون حسين تاجڪستان ??ان وڌندڙ لاڳاپن ت?? اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڪاسا 1000 منصوبي جي آغاز تي صدر امام علي رحمان مبارڪباد ڏني ۽ چيو ??ه هي منصوبو پاڪستان ۾ بجلي جي گهٽتائي تي ضابطو آڻن ۾ معاون ٿيندو.