راولپنڊي-25 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته اسلام اسان کي امن ۽ دوستي جو سبق سِيکاري ٿو، اسلام بين المذاهب هم آهنگي جي حوصله افزائي ڪري ٿو جيڪو وقت جي اهم ضرورت آهي، درپيش چئلينجن ۽ مسئلن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ بيان بازي ۽ پروپيگنڊا جي نفي ڪرڻي پوندي، قومي مسئلن جي باري ۾ صحيح نقطه نظر، سچا??ي ۽ علم تي ٻَڌل رايا رکڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جا دشمن مذهبي، نسلي ۽ سياسي ڪمزورين کي استعمال ڪندي ڏار وِجهڻ ۾ رُڌل آهن، اسان کي هڪ پُرعزم ۽ مضبوط قوم طور مٿي اچڻ لاءِ متحد ۽ هڪ ٿيڻو پوندو. آءِ ايس پي آر مطابق هو ڪرائسٽ چرچ ۾ مسيحي برادريءَ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. چرچ انتظاميه آرم?? چيف جي آجيان ڪ??ي ۽ ڏهاڙي ۾ شرڪت تي سندس شڪريو ادا ڪيو. ان موقعي تي آرم?? چيف پاڪستان ۾ رهندڙ سموري مسيحي برادري کي ڪرسمس جون واڌايون ڏيندي مسيحي برادريءَ لاءِ احترام جو اظهار ڪيو. آرم?? چيف جنرل سيد عاصم منير پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان جا دشمن مذهبي، نسلي ۽ سياسي ڪمزورين کي استعمال ڪندي ڏار وِجهڻ ۾ رڌل آهن، اسان کي هڪ پُرعزم ۽ مضبوط قوم طور تي مٿي اچڻ لاءِ متحد ۽ هڪ ٿيڻو پوندو. آرم?? چيف متحد ۽ ترقي پسند پاڪستان لاءِ قائد جي حقيقي ويزن تي عمل ڪرڻ ۽ معاشري ۾ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڀرڻ تي زور ڀريو. ان موقعي تي آرم?? چيف قائداعظم جي 147هين يومِ پيدائش تي ان جي عظيم ويزن ۽ قيادت کي شاندار خراجِ عقيدت پيش ڪيو. آرم?? چيف 11 آگسٽ 1947ع تي دستور ساز اسيمبلي کي خطاب دوران قائد جي تاريخي جملن جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته قائداعظم فرمايو ته اوهان آزاد آهيو، اوهان پنهنجي مندرن ۾ وڃڻ لاءِ آزاد آهيو. قائداعظم فرمايو ته اوهان ان رياست پاڪيتان ۾ پنهنجين مسجدن ۽ ٻين عبادرگاهن ۾ وڃڻ لاءِ آزاد آهيو. آرم?? چيف سمورن شعبن ۽ ڊومينز ۾ پاڪستان جي پوري مسيحي برادري جي خدمتن ۽ قربانين جو به اعتراف ڪيو.