پشاور – 28 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڌارن واري نظام ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ اسٽيٽس ڪو جي مزاحمت جي خاتمي جي عزم جو هڪ دفعو ٻيهر ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي مختلف شعبن ۾ سڌارن ??و عمل جاري رهندو، 2019ع مشڪل سال هو، ايندڙ سال معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لحاظ کان بهتر ??وندو، سرڪاري اسپتالن ۾ پرڏيهي ملڪن جي طرز تي جديد نظام متعارف ڪرائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان گورنر هائوس پشاور ۾ اتر آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڊاڪٽرن، دل جي بيمارين جي ماهرن ??ي تنظيم ”اپنا“ ۽ خيبر ميڊيڪل ڪاليج جي ايلومينائي اي??وسيئيشن جي 42 هين سالياني ونٽر ميٽنگ جي افتتاحي سيشن ??ي خطاب دوران ڪيو.