اسلام آباد – 14 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته عوام حڪومت پاران جاري ڪيل حفاظتي هدايتن تي عمل ڪري، احتياط جيتوڻيڪ لازمي آهي پر ڊڄڻ جي قطعي ضرورت نه آهي، صحت جي عالمي اداري ڪرونا وائرس جي حوالي سان اسان جي ڪوش??ن کي ساراهيندي انهن کي دنيا ۾ بهترين قرار ڏنو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته آئون قوم کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ڪرونا وائرس جي تدارڪ جي لاءِ کنيل قدمن جي آئون پا?? ذاتي نگراني ڪري رهيو آهيان ۽ جلد تو??ان سان مخاطب ٿيندس.