اسلام آباد – 04 مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪورونا وبا عالمي چئلينج آهي جنهن تي عالمي ردعمل گهربل آهي، پاڪس??ان ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، وزيراعظم پاران مستحقين جي لاءِ 8 ار?? ڊالر جو رليف پئڪيج ڏنو ويو آهي، ڪورونا چئلينج جي خلاف قومي ڪوششون عالمي حمايت کانسواءِ پوري طرح ??وثر نه ٿيون ٿي سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن غيروابسته ملڪن جي تحريڪ جي سربراهه اجلاس کي وڊيو لنڪ ذريعي ??طاب ڪندي ڪيو.