اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته متاثر علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊا??ون لاءِ صوبن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، حفاظتي قدمن جي ڪري ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي موثر طريقي سان روڪي سگهجي ٿو، عوام جو تعاون حڪومتي ڪوششن کي ڪامياب بڻائڻ ۾ گهڻو اهميت رکندڙ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي صورتحال جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪورونا وائرس جي موجوده ص??رتحال، ايندڙ ڪجهه ڏينهن جي ڪاٿي ۽ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ ملڪ جي مختلف صوبن ۾ ڪورونا مريضن لاءِ موجود بيڊز، آڪسيجن، وينٽي ليٽرز ۽ سهولتن جي موجوده ص??رتحال ۽ ان ۾ اضافي لاءِ کنيل قدمن جو به جائزو ورتو ويو.