اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مهانگائي تي ضابطو آڻڻ، بجلي جي شعبي جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ، روانگي واپار ۾ اضافي ۽ سبسڊيز رڳو غريبن تائين محدود ڪرڻ جي لاءِ چئلينج قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو وقت ا??ي ويو آهي، حڪومت سنڀالي ته معاملا ٻا??را?? ويهي ڏسڻ جي بلڪل مختلف هئا، گورننس نظام ۾ بيوروڪريسي جي حوالي سان سڌارن تي ڪم ٿي رهيو آهي، تعميرات جي شعبي جو فروغ ۽ صنعتي ترقي جا اشارا مثبت آهن، ملڪي معاشي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ روانگي واپار جو فروغ لازمي آهي، ملڪ ۾ توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ اسا?? جي ترجيح آهي، ترقياتي منصوبا جلد کان جلد مڪمل ڪرائڻ چاهيون ٿا، 18 هين ترميم تحت وفاق ۽ صوبن ۾ ڪجهه مسئلا حل طلب آهن، 5 سالن کانپوء?? عوام فيصلو ڪندي ته موجوده حڪومت جي ڪارڪردگي ڪيئن رهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مالي 21 – 2020ع جي لاءِ وزارت?? جي ڪارڪردگي جي معاهدن تي صحيحن واري تقريب ۽ وفاقي وزارت?? جي ڪارڪردگي بابت هدف ڏيڻ جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.