اسلام آباد – 07 R11; جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ بين الوزارتي رابطن ۽ پبلڪ پرائيويٽ حصيداري وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي جڏهن ته فيصلو ڪيو ويو آهي ته واپار واري وزارت هڪ هفتي ۾ ايڪشن پلان جوڙيندي ۽ ترجيحي شعبن ۾ ??ين??ڙ اڳڀرائ?? کان هفتيوار وزيراعظم کي آگاهه ڪندي. وزيراعظم جي صدارت ۾ معاشي صو??تحال تي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، محمد حماد اظهر، سينيٽر شبلي فراز، سيد فخر امام، فواد احمد، وزيراعظم جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر، وزيراعظم جي خاص مددگارن ڊاڪٽر معيد يوسف، ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شر??ت ڪئي. چئني صو??ن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شر??ت ڪئي.