اسلام آباد – 06 فيبر??ري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اليڪشنز (ترميمي) آرڊيننس 2021ع جاري ڪري ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 122 جي ذيلي سيڪشن 6 ۾ ترميم ڪئي وئي. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ دائره ڪار 2021ع جي ريفرنس نمبر 1 تي ر??ءِ ڏي ٿي ته سينيٽ اليڪشن آئين جي آرٽيڪل 226 جي دائري ڪار ۾ نه ٿيون اچن ته سينيٽ اليڪشن مارچ 2021ع اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائي ويندي. سياسي پارٽين جا قائد پنهنجي پارٽي ميمبرز پاران وڌل ووٽ ڏسڻ جي درخواست ڪميشن کي ڪري سگهندا ۽ ڪميشن سياسي پارٽي جي قائد يا ان جي نمائندي کي ووٽ ڏ??کاريندي.