اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 98 فوتگيون ٿيون جنهن مان 28 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 5 هزار 857 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 85 س??ڪڙ??، لاهور ۾ 82 س??ڪڙ??، گجرانوالا ۾ 88 س??ڪڙ?? ۽ مردان ۾ 100 س??ڪڙ?? مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 74 س??ڪڙ??، گجرانوالا ۾ 85 س??ڪڙ??، نوشهره ۾ 67 س??ڪڙ?? ۽ صوابي ۾ 67 س??ڪڙ?? مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 57 هزار 591 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 12 هزار 881، پنج??ب ۾ 28 هزار 829، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 07، اسلام آباد ۾ 5 هزار 344، بلوچستان ۾ 1 هزار 96، گلگت بلتستان ۾ 348، آزاد ڪشمير ۾ 1086 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 76 هزار 605 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووي?? 19 ??و ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووي?? 19 ??ي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪووي?? 19 ??ا 559 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووي?? 19 ??ي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 84 هزار 935 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 7 لک 78 هزار 238 آهي.