اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان جي عوام جو رت چوسي غريبن جي پئسي تي پلجندڙ اڄ حڪومت ۾ ڪفيل ڳولي رهيا آهن، مافيا جا سرغنه لنڊن ۾ آهن، خواجه آصف ??احب کي گهرجي ته اتي رابطو ڪري، پارليامينٽ هائوس ٻاهران مخالف ڌر پارٽين جو احتجاج انهن جي سياسي محرومين جي مات?? کانسواءِ ڪجهه نه آهي. خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پن??نج?? ٽوئيٽ ۾ چيو ته مخالف ڌر پارٽيون عوام جي لاءِ نه پن??نج?? سياسي مفادن جي لاءِ احتجاج ڪري رهيون آهن، انهن جي پيٽ ۾ عوام جي همدردي جو نه پر پن??نج?? ڪرپشن ۽ اق??دار جو سُور ٿي رهيو آهي.