لاهور – 04 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي ڪرونا وبا وڏو چئلينج آهي جڏهن قوم ان چئلينج مان ??ڪرندي ته هڪ مختلف قوم هوندي، ڪنهن کي به خوش فهمي ۾ نه رهڻ گهرجي ته ڪرونا ڪنهن کي ڪجهه نه ڪندو، ايندڙ وقت جي اسان کي تياري ڪرڻ گهرجي، مشڪل وقت ۾ انسان جي ايمان جو پتو پوي ٿو، هن مشڪل وقت ۾ حڪومت تاريخ جو سڀ کان ??ڏو رليف پئڪيج ڏنو آهي، ڪنهن کي تجربو نه آهي ته ان ??با کي ڪهڙي طرح ڊيل ڪرڻو آهي، قوم احتياطي تدبيرون اختيار ڪري وبا تي ضابطو آڻي سگهي ٿي، ڪرونا ٽائيگر فورس ۾ 6 لک ماڻهو رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، پنجاب ۾ ڪرونا جي خلاف منظم طريقي سان ڪم ٿي رهيو آهي، سرندي وارن جي تعاون تي انهن جا ٿورائتا آهيون. هو گو??نر هائوس ۾ ڪرونا رليف فنڊ ۽ راشن ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.