اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو آه?? ته ڪراچي ۾ نديءَ نالن جي ڀرپاسي قبضن، سيوريج ۽ ٻئي پاڻي جو جدا جدا نظام نه هجڻ ۽ ڊگهي مدي واري منصوبابندي جي کوٽ جي ڪري هڪ ڪلاڪ ۾ 80 کان 83 ملي ميٽر برسات پوڻ جي ڪري ڪراچي ۾ پاڻي جمع ٿي ويو، حڪومت پاران ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ايڪٽ تحت پاڪ فوج سمورن متاثر علائقن تائين پهچي وئي آه??، اڄ سومر تي وڏي پئماني تي ڪم شروع ٿيندو، اسان جو ڌيان هلندڙ مهيني دوران 7، 8 آگسٽ، 15 آگسٽ ۽ 24 کان 26 آگسٽ جي وڏين برساتن سبب امڪاني نقصانن کان بچڻ جي لاءِ قدم کڻڻ آه??، مستقل حل جي لاءِ سمورين ڌرين جو اتفاق راءِ ضروري آه??، دنيا ۾ سالڊ ويسٽ آمدني جو ذريعو جڏهن ته اسان جي لاءِ سالڊ ويسٽ زحمت بڻجي چڪو آه??. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو ته وفاق پاران مون سون جي سيز دوران امڪاني برساتن جي نقصانن کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فوج کي طلب ڪيو ويو آه??، ايف ڊبليو او ۽ ٻيا ادارا ڪراچي ڪور هيڊ ڪوارٽرز جي نگراني هيٺ ڪم ڪري رهيا آه??، ايف ڊبليو او کي ڪراچي جا اهي علائقا ڏنا ويا آه?? جتي وڏا وڏا ندي نالا آه??. هن چيو ته اين ڊي ايم اي آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي شروع ۾ ڪراچي ۾ برساتن بابت اڳڪٿي حاصل ڪري ورتي آه??، 40 کان 65 سيڪڙو برساتن جو امڪان آه??، ان اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي اسان پنهنجون تياريون ڪري رهيا آه??ون ته جيئن پهرين برسات سان جيڪو نقصان ٿيو آه?? اهو ايندڙ برساتن ۾ نه ٿئي. هن چيو ته هن وقت پاڪ فوج ۽ ان جا لاڳاپيل ادارا ڪراچي ۾ جيڪو ڪم ڪري رهيا آه?? اهو مستقل ??ل نه آه??، اسان کي ڪراچي جي روزانو گڏ ٿيندڙ سالڊ ويسٽ تي ڌيان ڏيڻو پوندو جنهن مان رڳو 3، 4 هزار ٽن سالڊ ويسٽ کنيو وڃي ٿو، باقي ندي نالن ۾ وڃي رڪاوٽ بڻجي وڃي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي هدايتن تي ڪراچي جو دورو ڪيو ۽ برسات سبب ٿيندڙ نقصانن جو شروعاتي جائزو ورتو آه??. هن چيو ته 1995ع ۾ ڪراچي جي نالن جي ويڪرائي 300، 400 ميٽر هئي جيڪا وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ڪٿي ڪٿي مشڪل سان 3، 4 ميٽر رهجي وئي آه?? جڏهن ته نالن جي ڀرپاسي قبضن جي پڻ ڀرمار ٿي وئي آه??. ٻئي طرف سيوريج ۽ ٻئي پاڻي جي لاءِ جدا نظام نه آه??، انهي لاءِ پاڻي نڪري وڃي ٿو ۽ سيوريج پٺتي رهجي وڃي ٿي جنهن سان پاڻي جي وهڪري ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ اسان کي نديءَ نالن ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻو آه??، ان مسئلي جي مستقل حل لاءِ ٻئي مرحلي ۾ سمورين ڌرين کي ويهاري اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آه??. اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي نيڪالي جي وهڪري کي جاري رکڻ لاءِ اسپارڪو جي مدد سان پاڻي جي روٽ کي پڻ ڏٺو ويندو.