اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورنگ پارڪ ۾ ٻوٽو لڳائي ملڪ جي سڀ کان وڏي وڻڪاري مه?? جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ٽائيگر فورس جي رضاڪارن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. شهرين ۽ ٽائيگر فورس جي ميمبرن مختلف ٻوٽا لڳايا. حڪومت 9 آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ ٽائيگر فورس جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ 10 بلين ٽري سونامي پروگرام تحت 10 لک کان وڌيڪ رضاڪارن سان گڏ ٻوٽا لڳائڻ ??و فيصلو ڪيو ويو هو. منصوبي تحت خيبرپختونخوا??ه ۾ 20 لک، پنجاب ۾ 11 لک 90 هز??ر، سنڌ ۾ 3 لک، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 57 هز??ر، بلوچستان ۾ 15 هز??ر ۽ گلگت ۾ 11 هز??ر 500 ٻوٽا لڳائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو.