اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ صنعت ۽ پيداوا واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته بجلي مهانگي ٿي آهي ۽ ٿيندي ۽ ان جا ذميدار اڳوڻن دو??ن ۾ ٿيندڙ آءِ پي پيز جا مهانگا معاهد?? آهن، شهباز شريف اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيون آهن جهڙوڪ هو ڪنهن ٻي ملڪ مان آيل هجي، مخالف ڌر اهڙو ڪو دليل پيش نه ڪيو جنهن مان اندازو لڳائي ??گهجي ته هي اهل مخالف ڌر آهي ۽ شين جو گهرائي ??ان جائزو وٺندي آهي، سموريون ڳالهيون کوکلي ۽ فقط لفظن جي راند هيون، پريس ڪانفرنس ۾ جن مسئلن جو ذڪر ڪيو اهي انهن جا پنهنجا پيدا ڪيل آهن، عام چونڊن ۾ عوام کين رد ڪري چڪي آهي، ان جو صرف هڪ ئي ??يجنڊا هئي ??يترو مال بڻائي ??گهو ٿا بڻايو، ان مقصد لاءِ هن هر اداري کي ڪمزور ڪيو ۽ مني لانڊرنگ لاءِ مددگار ماڻهو انهن ادا??ن ۾ ويهاريا، اشرافيا جو طعنو ڏيندڙ جي پريس ڪانفرنس پاڻ اشرافيه جي نمائندگي هئي، اسان خيبرپختونخوا ۾ يونيورسل صحت بيمه پروگرام متعارف ڪرائي چڪ?? آهيون، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ٻن سالن جي دوران تقريبن 10 ارب ڊالر جا قرض واپس ڪيا، ن ليگ جي دور ۾ عالمي ادارن پاڪستاني معيشت کي ڊائون گريڊ ڪيو جنهن کي اسان مثبت طرف وٺي آي?? آهيون، ن ليگ جي ڪرپشن ۽ غلط پاليسين جي ڪري اسان کي معاشي بهتري لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پيا، اسان جي دور ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب کان گهٽ ٿي ڪري 3 ارب ڊالر تائين اچي ويو آهي، پرڏيهي ناڻي جي ذخي??ن ۾ اضافو ٿيو جيڪو هاڻي مستحڪم آهي، اهڙن خيالن جو اظهار ٻنهي وفاقي وزيرن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس جي دوران ڪيو.