اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مستقبل ۾ اهي ملڪ ترقي ڪندا جن جا نوجوان ملازمت کان وڌيڪ ڪاروبار تي ڌيان ڏيندا، ا??ان کي پنهنجي ادارن کي ترقي ڪندي دنيا ??ان هم آهنگ ڪرڻو پوندو، ڪامياب نوجوان پروگرام پاڪستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ان پروگرام جي ڪاميابي پاڪستان جي ڪاميابي هوندي، موجوده دور ۾ هنر جي اهميت ۽ قدر پهرين کان وڌيڪ آهي، هنر جي استعمال ??ان ترقي ڪري سگهجي ٿي، پاڪستان کي ترقي يافته بڻائڻ لاءِ هنر جو فروغ اهميت رکندڙ آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن بحريه يونيورسٽي ۾ ڪامياب جوان پروگرام جي ??قر??ب کي خطاب ڪندي ڪيو، ??قر??ب ۾ وزيراعظم جو نوجوانن جي معاملن وارو خاص مددگار عثمان ڊار، نيوٽيڪ جي چيئرمين سيد جاويد حسين ۽ بحريه يونيورسٽي جو وائيس چانسلر به موجود هئا. ??قر??ب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير ڪامياب جوان پروگرام جي شريڪ ٿيندڙن کي ڪورس مڪم?? ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني، هن چيو ته ٽيڪنالاجي دنيا کي تبدي?? ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان ۾ به ٽيڪنالاجي ??ان تبديلي ايندي، هن چيو ته پاڪستان جي 60 سي??ڙو آبادي جي عمر 30 سالن کان گهٽ آهي، فيس بڪ، گوگل، پي پال، ٽوئيٽر لانچ ڪرڻ وارا به ماڻهو به نوجوان هئا، انهن سڄي دنيا کي بدلائي ڇڏيو. ا??ان کي پاڪستان ۽ پنهنجي زندگين کي تبدي?? ڪرڻو آهي ته هنر لازمي آهي، هن چيو ته تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ هنر جي اهميت پهرين کان وڌيڪ آهي، اڄ کان ڪجهه عرصو اڳ اهو رواج هو ته ڊگري حاص?? ڪري ملازمت اختيار ڪئي ويندي هئي، پر هاڻي ملازمت جي جاءِ تي ڪاروبار جو تصور وڌي رهيو آهي. اهي ملڪ سدائين ڪامياب ٿيندا جيڪي ڪاروباري ماڻهو پيدا ڪندا، هن چيو ته ا??ان هنر جي استعمال ??ان پنهنجو پاڻ کي ۽ دنيا کي تبدي?? ڪري سگهون ٿا ان جي لاءِ ا??ان کي ترقي پسند سوچ اختيار ڪرڻي پوندي، جيڪا بدلجندڙ دنيا ??ان هڪجهِڙائي رکندي هجي.