اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته حڪومت ڍانچاجاتي سڌارن تي عمل ڪري رهي آ??ي، سڌارن تحت ڪچي مال تي 100 ارب روپين جون رعايتون ڏنيون ويون آهن، ايڪسچينج ريٽ کي مارڪيٽ جي بنياد تي هموار ڪيو ويو، اسمگلنگ جو خاتمو ڪيو ويو، سماجي تحفظ جي دائري ڪار ۾ توسيع ڪئي وئي، صحت انصاف ڪارڊ هاڻي پنجاب ۾ به ڏنو پيو وڃي، حڪومت روانگي واپار ٻڌل واڌاري تي عمل ڪري رهي آ??ي، اسان جون صنعتون ترقي ڪري رهيون آهن، انگريزي ڳالهائڻ سان ڪرپشن جا داغ صاف نه ٿيندا، موجوده حڪومت 22 سالن جي جدوجهد کانپوءِ آئي آ??ي، اسان جي شهرت 10 سيڪڙو ۽ 20 سيڪڙو جي بنياد تي نه پر ڪارڪردگي تي آهي. قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زر??اري جي بجيٽ تقرير ۾ اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي حماد اظهر چيو ته موجوده حڪومت 22 سالن جي جدوجهد کانپوءِ آئي آ??ي، اسان جي شهرت 10 سيڪڙو ۽ 20 سيڪڙو جي بنياد تي نه آ??ي، هن چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ جي سيٽ تان شيرين مزاري جي باري ۾ جيڪي ريمارڪس آيا اهي رڪارڊ جو حصو آهن ۽ ان تي معافي نه گهري وئي. مسلم ليگ (ن) جي هڪ ميمبر چيو ته گاري ڏيڻ پنجاب جو ڪلچر آ??ي، جيڪو به اهڙو ڳالهائي رهيو آهي اهو پنجاب جي تاريخ کي مسخ ڪري رهيو آهي. حماد اظهر چيو ته پيپلزپارٽي جي پنج سالن ج دور ۾ هڪ سال به اهڙو نه گذريو جنهن ۾ حڪومت چار سيڪڙو جي ترقي حاصل ڪري چڪي هجي، مهانگائي جي شرح هن وقت ساڍا 8 سيڪڙو آ??ي، پيپلزپارٽي جي دور ۾ پهرئ??ن سال 21 سيڪڙو، ٻ??و سال11.7 سيڪڙو، ??ئي?? سال 13.7 سيڪڙو ۽ چوٿ??ن سال ۾ 11 سيڪڙو ٿي وئي هئي