اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشر??ات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سنڌ ۾ مڪمل طور تي لاڪ ڊائ??ن جي اجازت قطئي طور تي نه ڏني ويندي، مڪمل لاڪ ڊائ??ن جي حوالي سان وفاقي حڪومت جي پاليسي واضح آهي، سپريم ڪورٽ به چئي چڪي آهي ته صوبا ان ڏس ۾ انفرادي فيصلو نٿا ڪري سگ??ن، آرٽيڪل 151 تحت پاڪستان هڪ سنگل مارڪيٽ آهي، ڪراچي جي بندرگاهه پاڪستان جي معيشت جي شه رڳ آهي ۽ اهڙو قدم کڻڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي جنهن سان پاڪستان جي معاشي شه رڳ متاثر ٿئي. سنڌ حڪومت پاران مڪمل لاڪ ڊائ??ن جي فيصلي تي جاري ??يل پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته مڪمل لاڪ ڊائ??ن جو ڪو به آپشن ڪنهن ص??بي کي دستياب نه آهي، ڪورونا جي حوالي سان پاليسي وفاق ۽ اين سي او سي جاري ??ندا آهن ۽ صوبا ان تي عملدرآمد جا پابند آ??ن، هن چيو ته پاڪستان ڪورونا جو ڀرپور طريقي سان مقابلو ڪيو آهي، هن وقت تائين اسان انساني جانيون بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون ۽ ملڪي معيشت به هاڻي پنهنجي پيرن تي بيهي رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو موقف آهي ته مڪمل لاڪ ڊائون سان مزدور، ڏهاڙيدار طبقو شديد متاثر ٿيندا آ??ن، هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو هجي ها ته اڄ ڪراچي ۾ صورتحال سنگين نه هجي ها، هن چيو ته سنڌ کي واضح طور تي پيغام ڏنو ويو آهي ته انفرادي فيصلا نٿا ڪري سگهجن، اين سي او سي جي گائيڊ لائينز تي عملدرآمد ڪرڻ ضروري آهي.