اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير چوڌري فواد حسين بهاولنگر ۾ ڪريڪر حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ملڪ دشمن عنصر محرم الحرام جي دوران فساد پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته دهشتگردي جون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جا حوصلا ڪمزور نٿيون ڪري سگ??ن، سماج دشمن عنصرن جي ملڪ دشمن سازشن کي هرگز ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.