اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته موجوده حڪومت مي??يا جي مڪمل آزادي ۽ بااختيار مي??يا تي يقين رکي ٿي، پي ايم ڊي اي تحت پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ مي??يا جي صحافين ۽ مي??يا ورڪرز جي پگهارن ۽ نوڪرين جو تحفظ يقيني بڻجندو، اڳ ۾ اليڪٽرانڪ مي??يا جي صحافين ۽ مي??يا ورڪرز وٽ پنهنجي ايشوز جي حل لاءِ ڪو به پليٽ فارم نه هو، پاڪستان ميڊ??ا ڊولپمي??ٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) فريم ورڪ تي ها??ي مشاورت جو عمل جاري آهي، ان تي (ن) ليگ جي تنقيد سمجهه کان ٻاهر آهي، پي ايم ڊي اي تي تنقيد ڪندڙ مريم اورنگزيب پاڻ اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي گڏيل اجلاس ۾ شريڪ نه ٿي. مريم اورنگزيب جي بيان تي رد عمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پي ايم ڊي اي، ميڊ??ا ڊولپمينٽ لاءِ آهي. سمورن لاڳاپيل ادارن کي هڪ ڇت هيٺ متحد ڪري آسانيون پيدا ڪري رهيا آهيون، ترقي يافته ملڪ مي??يا جي ارتقائي عمل ۽ درپيش چئلينجز مان جهڙي طرح سرخرو ٿيا اهڙن طريقن مان رهنمائي حاصل ڪندي پي ايم ڊي اي فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ ته رات جي پيٽ ۾ قانون ٺهي ويندا هئا، اسان قانون ٺاهڻ کان پهرين مشاورت جي روايت وڌي آهي، (ن) ليگ پنهن??ي دور ۾ مي??يا سان جيڪو سلوڪ ڪيو، مي??يا ۽ عوام سڀ ڄاڻي ٿي، هن چيو ته آزاد صحافت تي ڪا به پابندي نه لڳائي رهيا آهيون، ڪجهه ماڻهو پي ايم ڊي اي جي مرضي موجب تشريح ڪري عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پي ايم ڊي اي تي اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پي بي اي، پريس ڪلبز، مي??يا تنظيمن سميت سمورن لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت جو عمل جاري آهي. هن چيو ته اسٽيڪ هولڊرز پاران ميڊ??ا ڊولپمينٽ، ڊجيٽل مي??يا کي ريگوليٽ ڪرڻ، صحافين ۽ مي??يا ورڪرز جي پگهارن ۽ نوڪرين جي تحفظ جي قدمن تي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي وئي، اسان آئين جي آرٽيڪل 19 تحت اظهار راءِ جي آزادي ۽ مي??يا جي آزادي تي پڪو يقين رکون ٿا. هن چيو ته ماضي ۾ پي ٽي آءِ عدليه جي آزادي، مي??يا جي آزادي لاءِ تحريڪ جو ڀرپور حصو بڻي آهي. هن چيو ته مخالف ڌر پي ايم ڊي اي بل جا نقطا نه پڙهيا آهن نه ڏٺا آهن ان جي باوجود پي ايم ڊي اي کي پوائ??ٽ اسڪورنگ ۽ تنقيد براءِ تنقيد ڪرڻ جي ور چاڙهي رهي آهي، هن چيو ته مي??يا بابت ادارن کي وڌيڪ موثر ۽ فعال بڻائڻ لاءِ پاڪستان ميڊ??ا ڊولپمي??ٽ اٿارٽي ٺاهي رهيا آهيون.