اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، اسان کي افغانستان جي ماڻهن سان گڏ بيهڻو پوندو، دنيا جي گڏيل ڪوششن سان ئي اسان افغانستان ۾ استحڪام آڻي سگهون ٿا، جيڪو دنيا جي امن ۽ افغانستان ۾ انتظامي اسٽرڪچر جي لاءِ انتهائي ضروري آه??. اها ڳالهه هن ڪيوبا جي نيوز ايجنسي پرسيناليٽينا سان ڳالهائيندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته اڄ نائن اليون، نيويارڪ ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي ٿيندڙ بدترين واقعي جي ورسيءَ جو ڏينهن آه??، افغانستان جي ڪهاڻي 20 سال پراڻي نه آه?? پر اها 40 سال پراڻي آه??، 1979ع ۾ جڏهن يو ايس ايس آر ڪابل تي حملي جو فيصلو ڪيو ته هن خطي ۾ هڪ تڪرار جنم ورتو، 1988ع ۾ جنگ ختم ٿي ته اولهه کي افغانستان جي مدد ڪرڻ گهرجي ها پر ائين نه ٿيو ۽ پاڪستان کي ان سڄي معاملي ۾ اڪيلو ڇڏيو ??يو. هن چيو ته پنهنجي ڪمزور معيشت جي باوجود اسان اٽڪل 5 ملين افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي جڏهن ته پاڪستان جي مدد ڪرڻ بدران پريسلر ترميم ذريعي پاڪستان تي معاشي پابنديون هنيون ويون، ان دور ۾ اسان افغانستان جي هر ممڪن مدد ڪئي. چوڌري فواد حسين چيو ته رڳو پاڪستان، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات افغانستان جي مدد ڪئي پر بدقسمتي سان دنيا افغانستان جي ماڻهن کي اڪيلو ڇڏي ڏنو جيڪو تباهي جو سبب بڻيو ۽ افغانستان دهشتگرد تنظيمن جو ڳڙهه بڻجي ??يو. هن چيو ته نائن اليون واقعي کانپوءِ آمريڪا افغانستان ۾ فوجي آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پاڪستان دنيا سان گڏ بيٺل رهيو، اها جنگ هڪ ڀيرو ٻيهر افغانستان جي ماڻهن جي لاءِ تباهي جو سبب بڻي. هن چيو ته 2007ع، 2015ع ۽ 2019ع ۾ اسان بار بار چيو ته افغانستان ۾ فوجي حل بدران سياسي حل طرف ??ڃڻ گهرجي، بدقستمي سان پاڪستان کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ ان جو آواز نه ٻڌو ويو ۽ هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر مشورو آه?? ته افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، سڄي دنيا جي انتهاپسند تنظيمن کي افغانستان ۾ پناهه وٺڻ جي اجازت نه هجي، ان جي لاءِ اسان کي افغانستان سان گڏجي ڪم ڪ??ڻو پوندو. هن چيو ته اسان کي افغانستان جي ماڻهن سان گڏ بيهڻو پوندو، افغانستان ۾ بهادر مردن ۽ عورتن ڊگهي عرصي تائين قربانيون ڏنيون هاڻي وقت اچي ويو آه?? ته دنيا کي انسانيت سان گڏ بيهڻ گهرجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته افغانستان جي موجوده صورتحال افغانستان ۾ استحڪام جو هڪ موقعو آه??، اسان ڪابل ۾ ڦاٿل پرڏيهي شهرين کي ڪابل مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿياسين، پي آءِ اي سوين ماڻهن کي انخلا ۾ مدد فراهم ڪ??ي، اسان انٽرنيشنل ميڊيا کي نه رڳو ڪابل مان ڪڍيو پر افغانستان ۾ ڪوريج جي لاءِ سفر جي سهولت پڻ ڏني، اسان جي پاليسي آه?? ته اسان افغانستان ۾ اٿارٽيز سان گڏجي ڪم ڪ??ڻ چاهيون ٿا، اسان افغانستان جي ماڻهن کي اڪيلو نه ٿا ڇڏڻ چاهيون. هن چيو ته دنيا جي گڏيل ڪوششن سان اسان افغانستان ۾ استحڪام آڻي سگهون ٿا، جيڪو دنيا جي امن ۽ افغانستان ۾ انتظامي اسٽرڪچر جي لاءِ انتهائي ضروري آه??.