اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سيڙپڪارن جي سهولت ۽ ملڪ ۾ ڪاروبار ۾ آساني کي يقيني ب??ائڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي صنعت واري وزير ميان ??سل?? اقبال ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيا?? موجب وزيراعظم کي پنجاب ۾ خصوصي اقتصادي زونز جي ترقي ب??بت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم اقتصادي ترقي جي لاءِ سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ فيصل آباد انڊسٽريل اس??يٽ جي ترقي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم سيڙپڪارن جي سهولت ۽ ملڪ ۾ ڪاروبار ۾ آساني کي يقيني ب??ائڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ميانوالي ۾ صنعتي اس??يٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ فزيبلٽي جي پڻ هدايت ڪئي ته جيئن سيمنٽ، شيشي ۽ اسٽيل جي صنعتن جي لاءِ ان جي وڌيڪ قدرتي وسيلن کي استعمال ڪري سگهجي. اهو مقامي ماڻهن جي لاءِ روزگار جا ڪيترائي موقعا پيدا ڪري پوري علائقي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.