اسلام آباد/نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته افعانستان ۾ انساني ۽ معاشي بحران، عالمي برادري جي فوري ڌيان جا گهرجائو آهن، پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب گڏيل ق??من جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير ريڊ ڪراس بابت عالمي ڪميٽي جي صد?? پيٽر مورڪي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي افغانستان ۾ انساني بحران ۽ عالمي سطح تي مدد جي ف??اهمي جي حوالي سان مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، هن چيو ته پاڪستان سالن کان افغانستان ۾ جاري ريڊ ڪراس عالمي ڪميٽي جي خدمتن جو اعتراف ڪري ٿو، افغانستان ۾ وڌندڙ انساني ۽ معاشي بحران عالمي برادري جي فوري ڌيان جو گهرجائو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان جي مالي ۽ انساني امداد نه رڳو انهن کي بحران مان ڪڍڻ ۾ مدد فراهم ڪندي پر ا??غانين ۾ اعتماد سازي لاءِ بهترين قدم ٿي سگهي ٿو، افغانستان ۾ وڌندڙ بک، غربت ۽ ناڻي واڌ جي پيش نظر ا??غانستان جا منجمند اثاثا کولڻ انهن جي وقت سر ا??داد جي برابر ٿيندا، هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ انساني بنيادن تي امدادي سامان جي پهچ هوائي ۽ زميني رستن جي ذريعي جاري رکي آهي، پرڏيهي وزير ريڊڪراس عالمي ڪميٽي جي صد?? کي افغانستان ۾ انساني بنيادن تي مدد جي ف??اهمي لاءِ پاڪستان پاران هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.