اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪس??ان آسٽريا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن خميس ڏينهن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي آسٽريا جي هم منصب اليگزينڊر شيلن برگ سان ملاقات دوران چئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي ڊگهي مدي واري شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪس??ان آسٽريا کي يورپي يونين جو هڪ اهم ميمبر سمجهي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، ماحوليات، صحت ۽ تجديد قابل توانائي، آبي وسيلن، زراعت، سياحت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان پاڪس??ان ۽ آسٽريا جي وچ ۾ اڳ ??ي ٻطرفي سياسي مشاورتي اجلاس جي جلد انعقاد جا خواهشمند آهيون، پاڪس??ان ۾ سيڪيورٽي جي بهتر صورتحال ۽ ڪاروباري سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان پاڪس??ان جي عالمي درجا بندي ۾ بهتري سان پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جي امڪانن ۾ اضافو ٿيو آهي، آسٽرين ڪاروباري ماڻهو ۽ ڪمپنيون، اسان جي حڪومت جي ”ڪاروباري دوست پاليسين“ مان فائدو وٺندي پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري ڪري بهترين منافعو ڪمائي سگهن ٿا. پرڏيهي وزير آسٽرين هم منصب کي پاڪس??ان جي دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو.