اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي شعبي علوم اسلاميه جي سربراهه ڊاڪٽر محي الدين هاشمي مسل??ان امت تي زور ڏنو آهي ته فرقيواريت ۽ امت کي ڪمزور ڪرڻ جي فتني کان بچڻ لاءِ اختل??ف راءِ جا آداب سامهون ر??و ۽ مشاورت سان معاملا سرانجام ڏيو، مسجدن ۽ مدرسن ۾ به اختل??ف راءِ جي آداب کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي تي ايوان صدر جي مسجد ۾ جمعي جو خطبو ڏيندي ڪيو. خطبي ۾ هن اسلام ۾ اختل??ف راءِ جي آداب کي موضوع بڻايو، هن چيو ??ه اسان کي نبي ڪريم ﷺ جي امتي هجڻ جو شرف حاصل آهي، نبي ڪريم ﷺ آخري خطبي حج??ه الوداع ۾ فرمايو ته پاڻ سڳورا اسان جي لاءِ ٻه شيون ڇڏي وڃي رهيو آهي، هڪ الله جو ڪتاب ۽ ٻيو سنت رسول ﷺ، جيڪو به انهن ٻن شين کي مضبوطي سان پڪڙيندو اهو گمراهه نه ٿيندو. هن چيو ته ڪنهن معاملي تي اختل??ف راءِ هجڻ فطري ڳالهه آهي، علي ترقي ۽ علوم و فنون جو فروغ اختل??ف راءِ جو مرهون منت آهي، پر نبي ڪريم ﷺ جي تعليمات موجب اختل??ف راءِ جي آداب کي سامهون ر??ڻ ضروري آهي. مسل??ان امت اڄ فرقن ۾ ورهايل آهي ۽ مختلف فرقن جو جتي ڪجهه معاملن تي اتفاق آهي اتي ڪجه معاملن ۾ اختل??ف راءِ جي گنجائش به موجود آهي، هن چيو ته صحابه ڪرام رضه سمورن مسئلن جي حل لاءِ نبي ڪريم ﷺ سان رجوع ڪندا هئا، اسان جي فقها اسان کي اختل??ف راءِ جا آداب سيکاريا آهن، ادب الاختلاف جي بنياد تي ئي پنهنجي راءِ ۾ غلطي جي احتمال ۽ مخالف راءِ م درستگي جو امڪان کي به رد نه ڪيو وڃي. هن چيو ته جديد دنيا اختل??ف راءِ جي آداب کي سمجهڻ جي لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون آهن ۽ يونيورسٽين ۾ ان جي باقاعده تعليم ڏني ويندي آهي، اسان کي پنهنجي مسجدن ۽ مدرسن ۾ به اختل??ف راءِ جي آداب کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، الله تعاليٰ نبي ڪريم ﷺ کي معاملن ۾ مشاورت ڪرڻ جي هدايت ڪئي، هن مسل??ان امت تي زور ڏنو ته هو اختل??ف راءِ جي ادب کي اختيار ڪري ته جيئن اسان فرقيواريت ۽ امت کي ڪمزور ڪرڻ جي فتني کان محفوظ رهي سگهون.