اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته دنيا افغانستان ??ي ڌيان نه ڏنو ته انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو، افغانستان ??ي هڪ ڪروڙ 40 لک عوام امداد جي منتظر آهي، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 80 لک ڪشميري هڪ کليل جيل ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، جيڪو هڪ وڏي قيدخاني جو منظر پيش ڪري رهيو آهي، ڪشمير جو مسئلو هر فورم تي اجاگر ڪنداسين، منهنجي سياست جو مقصد پاڪستان کي ڪرپٽ حڪمرانن ۽ مافياز کان پاڪ ڪري ان کي صحيح معنيٰ ۾ هڪ اسلامي ??ل??حي رياست بڻائڻ آهي، نبي ڪريم ﷺ منهنجو رول ماڊل آهي، ڪوشش آهي ته پاڪستان کي فل??حي رياست بڻايان، نبي ڪريم ﷺ جي تعليم کي عام ڪرڻ جي لاءِ رحمت للعالمين ﷺ اٿارٽي ٺاهي، قانون جي حڪمراني کانسواءِ ڪو معاشرو مهذب نه ٿو بڻجي سگهي، منهنجي سڄي جدوجهد اشرافيه جي خلاف آهي، پاڪستان ??ي ٻن ڪرپٽ خاندانن حڪومت ڪئي، ڪورونا جي ڪري سڄي دنيا کي مشڪل حالتن کي منهن ڏيڻو پيو، دهشتگردي جو ڪنهن مذهب سان ڪو تعلق نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن الجزيره ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته عدل، انصاف ۽ قانون جي حڪمراني مهذب معاشرن جو بنيادي قدر هوندي آهي، منهنجي سياست جو مقصد پاڪستان کي ڪرپٽ حڪمرانن ۽ مافياز کان پاڪ ڪري ان کي صحيح معنيٰ ۾ هڪ اسلامي ??ل??حي رياست بڻائڻ آهي، عدل، انصاف ۽ قانون جي حڪمراني مهذب معاشرن جو بنيادي قدر هوندي آهي. هن چيو ته افغانستان کي ڪيترائي بحران ??رپيش آهن، افغانستان ??ي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، پاڪستان ۾ اڳ ۾ ئي 30 لک افغان پناهگير موجود آهن، دنيا افغانستان ??ي ڌيان نه ڏنو ته انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو، نائين اليون ۾ ڪو افغان ??هري ملوث نه هو پر افغانستان ??ي آمريڪا جي مڙهيل جنگ هڪ جنوني عمل هو. هن چيو ته آمريڪا افغانستان ۾ نام نهاد جنگ جي نالي تي 20 سالن تائين قبضو ڪري رکيو، سمجهه ۾ نه آيو آمريڪي افغانستان ۾ ڪهڙا هدف حاصل ڪرڻ چاهيندو هو، افغانستان ??ي هڪ ڪروڙ 40 لک عوام امداد جي منتظر آهي ۽ آمريڪا کي هاڻي افغان ??وام جو ساٿ ڇڏڻ نه گهرجي. وزيراعظم چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن، عالمي ??انونن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جون سنگين خلاف ورزيون ٿي رهيون آهن جتي 80 لک ڪشميري کليل جيل ۾ رهي رهيا آهن ۽ 8 لک ڀارتي فوجين انهن کي کليل جيل ۾ بند ڪري رکيو آهي، اسان ??ن معاملي کي هر فورم تي اٿاريو آهي، اسان ??هو معاملو اسلامي تعاون تنظيم ۾ اٿاريو ۽ اسلامي ??لڪن سان ڳالهه به ڪئي آهي، اسلامي ??لڪن جا ڀارت سان پنهنجا پنهنجا لاڳاپا آهن ۽ توهان ??نهن کان ڪا وڌيڪ اميد نه ٿا ڪري سگهو پر پاڪستان پنهنجي طور تي اهو پنهنجو فرض سمجهي ٿو ته ڪشمير مسئلي کي هر فورم تي اٿاري. هن چيو ته جيڪو ڪجهه ڪشمير ۾ ٿي رهيو آهي ان کي عالمي سطح تي اٿاريو آهي. هن چيو ته 20 سالن تائين ڪرڪيٽ کيڏي، ورلڊ ڪپ کٽڻ کانپوءِ اطمينان ??و احساس ٿيو، راند توهان کي مشڪل حالتن ۾ وڙهڻ سيکاري ٿي، توهان ??ي ناڪامي توهان ??و بهترين استاد آهي جيڪا توهان کي مقابلو ڪرڻ سيکاري ٿي. وزيراعظم عمران ??ان چيو ته منهنجي والده پاڪستان کي هڪ عظيم ملڪ طور ڏسڻ چاهيندي هئي، والده جي لاڏاڻي کانپوءِ ڪينسر اسپتال ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو. وزيراعظم عمران ??ان چيو ته ڪو به معاشرو قانون جي حڪمراني کانسواءِ قائم نه ٿو رهي سگهي ۽ ڪرپشن ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏ?? ٿي، پاڪستان ۾ وسيلن جي ڪا کوٽ نه آهي، ملڪ جي بدحالي جا ذميوار ڀٽو ۽ شريف خاندان ??هن، ڀٽو ۽ شريف خاندانن وسيلن جو ناجائز استعمال ڪيو، اسان ملڪ کي خوشحال بڻائڻ چاهيون ٿا، اسان ??و مقابلو ٻن اهڙن خاندانن سان ??هي جيڪي دولت سان مالامال آهن، ڀٽو ۽ شريف خاندان ??ياست نه خانداني نظام قائم ڪرڻ چاهين ٿا جڏهن ته پاڪستان ??ي بدحالي جا ذميوار به اهي ئي ٻه خاندان ??هن. هن چيو ته کنڊ اسڪينڊل تي حڪومت حرڪت ۾ آئي جڏهن ته وزيرن جي خلاف بدعنواني جا الزام سامهون آيا ته پاڻ شفاف جاچ ڪندس. وزيراعظم عمران ??ان چيو ته منهنجي والد پاڪستان ??ي پنهنجي نوعيت جي پهرين انجنيئرنگ ڪنسلٽنسي فرم قائم ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته بي جي پي جي حڪومت ڀارت ۽ خطي جي لاءِ خطرناڪ آهي، ڀارت ۾ بي جي پي جي حڪومت آهي جيڪا فاشسٽ پارٽي آهي، جيڪڏهن ڀارت پاڪستان ??ي حملو ڪري ٿو ته پاڪستان ??يترو ئي موثر جواب ڏيندو جهڙو فيبروري 2019ع ۾ ڏنو هو. ڪورونا بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته مون کي ۽ منهنجي گهرواريءَ ٻنهي کي گڏ ڪورونا ٿي هئي، 5 ڏينهن مشڪل هئا، ستين ڏينهن ٻيهر ڪم ڪري رهيو هئس، مڪمل بحال ٿيڻ ۾ 8 کان 9 ڏينهن لڳا. ڪورونا وبا دوران ??مارٽ لاڪ ڊائون بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ان ??و رڳو هڪ ئي سبب هو ته مون نه پئي چاهيو ته جيڪڏهن آئون ملڪ بند ڪري ڇڏ??ان ??ه ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ماڻهن جو ڇا ٿيندو، جن جي خاندانن جو گذارو انهن جي روزاني جي ڪمائي تي هوندو آهي، جيڪڏهن آئون معيشت کي بند ڪري ڇڏ??ان ها ته ٽيڪسي ۽ رڪشا ڊرائيور ۽ ٺيلهو لڳائيندڙن جو ڇا ٿئي ها جيڪي پنهنجي خاندانن جي ڪفالت ڪن ٿا، مون غريب طبقي کي ڪچلڻ نه پئي چاهيو، اسان ??مارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي اختيار ڪئي ۽ ڪجهه علائقن ۾ لاڪ ڊائون لڳايو، آئون اهو برداشت نه پئي ڪري سگهيس ته اهي بک وگهي مري وڃن. هن چيو ته هڪ طرف توهان ڪورونا کان ماڻهن کي بچائي رهيا هجو ته ٻئي طرف اهي بک سبب مري رهيا هجن، آئون ائين ڪرڻ لاءِ تيار نه هئس. وزيراعظم هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته آئون ٽي سال تمام مصروف رهيو آهيان ۽ منهنجي ڪا سماجي مصروفيت ناهي رهي، هڪ ئي آپشن آهي ته آئون جابلو علائقن ۾ وڃان، سدائين منهنجو رجحان ماحول طرف هو ڇو ته مون کي خبر آهي ته پاڪستان ۾ دنيا جا خوبصورت ترين جابلو منظر آهن، آئون سوئيٽزرلينڊ ۽ آسٽريليا سميت هر جڳهه تي ويس پر اها خوبصورتي ڪٿي به نه آهي جيڪا پاڪستان ??ي هماليه، قراقرم ۽ ٻين جابلو سلسلي ۾ موجود آهي. هن چيو ته آئون سدائين حڪومتن پاران ٻيلن ۽ وڻن جي واڍيءَ جي اجازت ڏيڻ بابت سوچيندو هئس، جيڪو ماحولياتي تن??لي?? ماحول جي خرابي ۽ جنگلي حيات جي خاتمي جو سبب بڻيو، ۽ اهو وچن ڪيو ته جيڪڏهن مون کي ڪڏهن موقعو مليو ته آئون ملڪ ۾ ٻيهر ٻيلا پوکيندس ته جيئن جنگلي جيوت واپس اچي، اهو ئي سبب آهي جو اسان ??لين ٽري لڳائڻ جو انتهائي پرعزم سونامي شروع ڪيو آهي، اسان هيستائين اڍائي ارب وڻ لڳائي چڪا آهيون، روايتي پاڪستاني لباس پائڻ جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم عمران ??ان چيو ته آئون ملڪ جو وزيراعظم آهيان، 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو اهڙا ئي ڪپڙا پائين ٿا، آئون پنهنجي ماڻهن جي نمائندگي ڪريان ٿو منهنجي عوام جيڪي ڪپڙا پائي ٿي آئون انهن جهڙا ئي پهريندو آهيان.