اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته عام ماڻهو ۽ گهٽ آمدني واري پگهاردار طبقي کي پهريون ڀيرو پنهنجو گهر ٺاهڻ جو موقعو فراهم ڪري رهيا آهيون ۽ اهو هڪ تاريخي لمحو آهي، تعم??را??ي شعبي جي فروغ سان اسان جي معيشت گهڻي بهتر ٿيندي ۽ پگهاردار طبقي جو پنهنجي گهر جو خواب پ??رو ٿيندو، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني محنت ڪري پئسو جمع ڪندا آهن انهن جي ??ه خواهش اها ئي هوندي آهي ته هو پنهنجو گهر ٺاهي سگهن، ملڪ ۾ اشرافيه جي ??وچ رکندڙ ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهچايو، 22 ڪروڙ جي پاڪستان کي وڌيڪ مضبوط هجڻ گهر??و هو. اهڙن خيالن جو اظهار ??زي??اعظم عمران خان ”منهنجو پاڪستان منهنجو گهر هائوسنگ قرضه اسڪيم“ جي ??قريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ??زي??اعظم چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين مبارڪباد جا مستحق آهن جنهن جي محنت سان عام ماڻهو ۽ پگهاردار طبقي کي پنهنجي گهر جي ??هولت لاءِ آسان قرضن جي فراهمي کي ممڪن بڻايو ويو آهي. ??زي??اعظم چيو ته جهڙوڪ ناڻي واري صلاحڪار ٻڌايو ته ان حوالي سان 1990ع کان قانوني رڪاوٽون هيون، اهو ڪم تمام گهڻو پهرين ٿيڻ گهر??و هو، ??زي??اعظم چيو ته جڏهن آئون ڪرڪيٽ کيڏندو هئس ته ٻاهرين ملڪ پاڪستانين سان رابطو رهندو هو، انهن جي ??واهش صرف اها هوندي هئي ته هو پنهنجو ايترو پئسو ڪمائي وٺن ته جيئن ملڪ ۾ پنهنجو گهر ٺاهي سگهن، ماضي ۾ حڪومتون ان طرف ڌيان نه ڏنو، ٻاهرين ملڪن ۾ پگهاردار طبقي کي اتي جون حڪومتون قرض جي ??هولت ڏينديون آهن. ??زي??اعظم چيو ته حڪومتن ۽ فيصلا سازن ان باري ۾ ناهي سوچيو ۽ ملڪ ۾ اشرافيه جي ??وچ رکندڙن ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهچايو جنهن جي ڪري ملڪ ڪمزور کان ڪمزور ٿيندو ويو ۽ اشرافيه باهرين ملڪ پئسو ٺاهيو، سرڪاري اسپتالن ۾ معياري علاج ٿيندو هو پر آهستي آهستي نجي ??سپتالن جي ڀرمار سان سرڪاري اسپتالن جي ??الت خراب ٿي وئي ڇو ته اشرافيه ان طرف ڌيان نه ڏنو ڇو ته هو علاج ئي ٻاهرين ملڪ مان ڪرائيندي هئي، ??زي??اعظم عمران خان چين جي ??رقي جي مثال ڏيندي چيو ته چين ۾ هيٺين طبقي کان مٿئين طرف ترقي ٿي، پاڪستان ۾ بي پناهه صلاحيت آهي پر بدقسمتي سان ڪمزور طبقن کي اهميت نه ڏني وئي، مون کي خوشي آهي ته عام ماڻهو ۽ پگهاردار طبقي کي پهريون ڀيرو گهر ٺاهڻ جو موقعو فراهم ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته ان کان اڳ بئنڪن ۾ اهڙو نظام ئي نه هو جنهن سان عام ماڻهو پهچ حاصل ڪري سگهي پر هاڻي بئنڪن پنهنجي نظام ۾ بهتري آندي آهي جنهن جي ڪري 6 مهينن جي ??رصي ۾ قرض ملڻ شروع ٿي ويا آهن، ??زي??اعظم بئنڪن تي زور ڏنو ته هو وڌيڪ مارڪيٽنگ ڪن ۽ پنهنجي نظام کي عام ماڻهو جي پهچ لاءِ بهتر بڻائين، ايندڙ ڏينهن ۾ تمام وڏي تبديلي اچڻ واري آهي جنهن سان هڪ طرف ڪمزور طبقي کي گهر ميسر ايندو ۽ تعم??را??ي شعبي جي فروغ سان اسان جي معيشت تيزي سان اڳتي وڌندي، ان موقعي تي ??زي??اعظم عمران خان قرض حاصل ڪندڙ ماڻهن کي گهرن جون چاٻيون ۽ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ بئنڪن جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسرن ۾ سندون ورهايون. تقريب کي ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين انور علي حيدر به خطاب ڪيو. ا