اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان ۾ انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، ??فغانستان کي اڪليو نه ڇڏيو وڃي، ڪورونا وبا جي ڪري پوري دنيا جي ڪري پوري دنيا جون معيشتون دٻاءُ جو شڪار آهن، عالمي منڊي ۾ توان??ئي ۽ ڪموڊيٽي پرائيسز ۾ اضافي جا اثر پاڪستان تي به پيا، ڪورونا وبا دوران پاڪستان حڪومت غريب عوام کي ريليف فراهم ڪيو، پي ٽي و?? ۽ ريڊيو جي لاءِ جاپان جي فني معاونت جي آجيان ڪريون ٿا. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل پاڪستان ۾ مقرر جاپان جي سفير مٽسو هيرو واڊا سان ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ افغانستان جي صورتحال، پاڪستان ٽيل??وي??ن ۽ ريڊيو پاڪستان جي لاءِ جاپان جي فني معاونت سميت ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي وئي. اطلاعات واري و??اقي وزير افغانستان جي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته افغانستان ۾ انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، ??نيا افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان اشرف غني کي به اليڪشن بدران ٺوس حڪومت جو مشورو ڏنو هو پر هن اسان جي ڳالهه نه ٻڌي. هن چيو ته افغانستان جو امن دنيا جي امن جي لاءِ لازمي آهي، ??نيا کي افغانستان ۾ امن جي ڪوششن ۾ اڳتي اچڻو پوندو. ڪورونا وبا دوران پاڪستان حڪومت جي حڪمت عملي جو ذڪر ڪندي اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته ڪورونا وبا جي ڪري پوري دنيا جون معيشتون دٻاءُ جو شڪار آهن، پاڪستان حڪومت نه رڳو ڪورونا وبا جو بهتر حڪمت عملي سان مقابلو ڪيو پر پنهنجي معيشت کي به مستحڪم ڪيو. هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ ۾ 10 سيڪڙو ترقي ٿي آهي، ??عميرات، ٽيڪسٽائيل ۽ زراعت جا شعبا به ترقي ط??ف گامزن آهن. هن چيو ته ڪورونا وبا دوران حڪومت غريب عوام کي ريليف فراهم ڪيو، صحت ۽ احساس راشن پروگرام حڪومت جا وڏا قدم آهن جيڪي عوام جي ڀل??ئي لاءِ شروع ڪيا ويا. هن چيو ته ڪورونا وبا جي ڪري عالمي منڊي ۾ توان??ئي ۽ ڪموڊيٽي پرائيسز ۾ اضافي جا اثر پاڪستان تي به پيا، درآمدي شين جي ڪري اسان جي ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ به اضافو ٿيو. جاپان پاران پي ٽي و?? ۽ ريڊيو پاڪستان جي لاءِ فني تعاون جي آجيان ڪندي اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي اسپيڪٽرم تبديل ٿي رهيو آهي، پي ٽي و?? جا ٻه نيوز چينلز پي ٽي و?? نيوز ۽ پي ٽي و?? اسپورٽس ايڇ ڊي ڪري ڇڏيا آهن، پي ٽي و?? انگلش ۽ پي ٽي و?? هوم کي به ايڇ ڊي ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي جاپان جي سفير چيو ته جاپان ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي و?? کي فني معاونت فراهم ڪندو. هن چيو ته جاپان معيشت، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون فراهم ڪري رهيو آهي.