اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان متحده عرب ??ما??ات تي حوثين جي ميزائل حملي جي مذمت ڪندي ان کي خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ خ??رو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم ابوظهبي جي ولي ع??د ۽ متحده عرب ??ما??ات جي هٿياربند فوج جي سپريم ڪمانڊر شيخ محمد بن زيد النيه??ن سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ حوثي باغين پاران 30 جنوري تي متحده عرب ??ما??ات تي ميزائل حملي جي سخت مذمت ڪئي. هن متحده عرب ??ما??ات اپران وقت سر ۽ موثر فضائي دفاع سان قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ کان بچائڻ جي قدمن کي ساراهيو. وزيراعظم متحده عرب ??ما??ات جي قيادت، عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم تازن حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي انهن کي خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ خ??رو قرار ڏنو. وزيراعظم عمران خان ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي ع??ائقائي امن ۽ سلامتي جي ف??وغ ۽ تحفظ لاءِ ڪوششن جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اعليٰ سطح تي ويجهي ۽ باقاعده مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.