فيصل آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت خصوصي اقتصادي زونز (SEZs) ۾ صنعتن جي فروغ، سيڙپڪارن کي متوجهه ڪرڻ ۽ ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، صنعتن کي سستي بجلي ۽ گئس فراهم ڪري ان جي ڪاروباري لاڳت گهٽ ڪر?? لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ملڪ ۾ تيزي سان صنعتڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪاروباري برادري جي سهولت کي يقيني بڻائ?? لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا وڃن ته جيئن ماڻهن جي لاءِ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ٿي سگهن. فيصل آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت خصوصي اقتاصدي زونز ۾ صنعتڪاري کي فروغ ڏي?? لاءِ سيڙپڪارن کي متوجهه ڪرڻ ۽ ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، هن چيو ته اسان صنعتن کي سستي بجلي ۽ گئس فراهم ڪري انهن جي ڪاروباري لاڳت کي گهٽ ڪر?? لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ان کان اڳ وزيراعظم کي ٻڌ??يو ويو ته فيصل آباد جي واپاري برادري پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي بنياد تي شهر ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽ ايئرپورٽ، اسپتال ۽ ٿيم پارڪ تعمير ڪرڻ گهرجي ته جيئن غير ملڪي سيڙپڪارن کي عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪري کين ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن، خاص ڪري ٽيڪسٽائيل، پولٽري ۽ آءِ ٽي ۾ سيڙڪاري تي راضي ڪري سگهجي. صدر ايف سي سي آءِ ملڪ ۾ صنعتن جي بحالي لاءِ وزيراعظم جي ڀرپور ذاتي دلچسپي ۽ مثالي تعاون تي ان جو ٿورو ادا ڪيو. هن ان سلسلي ۾ وزيراعظم جي ڪابينا جي وزيرن پاران ڏنل غير معمولي مدد جو به اعتراف ڪيو. وزيراعظم کي اهو به ٻڌ??يو ويو ته سندن حڪومت جي سيڙپڪار دوست پاليسين جي ڪري گذريل ساڍا ٽن سالن ۾ ملڪ ۾ 1.2 ملين ڊالر جي سڌي سنئين غير ملڪي سيڙپڪاري (FDI) ٿي. فيصل آباد انڊسٽريل اسٽيٽ ڊولپمينٽ اينڊ مينيجمينٽ ڪمپني (FIEDMC) ۾ 2018ع کان هن و??ت تائين 282 صنعتون لڳايون و??ون. جڏهن ته 2005ع ۾ ان جي آغاز کان و??ي 2018ع تائين صرف 25 صنعتون لڳي سگهيون هيون. ٽائل مينوفيڪچرنگ ۾ 40 سيڪڙو درآمدي متبادل (Import Substitution) حاصل ٿيو آهي، جڏهن ته بي بي ڊائپرز جي تياري جي حوالي سان 60 سيڪڙو درآمدي متبادل حاصل ٿيو آهي ۽ حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري روانگي واپار 24 ارب ڊالر کان وڌي 30 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ تيزي سان صنعتڪاري کي فروغ ڏي?? لاءِ ڪاروباري برادري جي سهولت کي يقيني بڻائ?? لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا وڃن ته جيئن ماڻهن جي لاءِ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ٿي سگهن، وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ صنعت جي بهتري لاءِ اهي سمورا قدم پي ٽي آءِ جي منشور جي عين موجب آهن، هن و??اقي ۽ صوبائي حڪومت جي سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن کي هدايت ڪئي ته ان مقصد کي حاصل ڪر?? لاءِ سخت محنت ڪن.