اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي صد??رت ۾ اقتصادي سفارتڪاري جي حوالي سان اهم اجلاس پرڏيهي وز??رت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، پرڏيهي اسپيشل سيڪريٽري رضا بشير تارڙ سعودي ??رب جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير امير خرم راٺوڙ ۽ پرڏيهي وز??رت جي سينر آفيسرن شرڪت ڪئي، ني??يا??ڪ ۽ جنيوا ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم ۽ خليل هاشمي ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير اس?? مجيد وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ان کانسواءِ واشنگٽن لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير سردار مسعود خان به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جي معاشي اس??حڪام لا??ِ اسان اقتصادي ترجيحاتي ايجنڊا تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، اقتصادي سفارتڪاري اس??ن جي ترجيح ايجنڊا آهي، هن چيو ته اس??ن جي حڪومت پهريون ڀيرو جامع قومي سيڪيورٽي پاليسي جوڙي، اس??ن جي قومي سيڪيورٽي پاليسي جو فوڪس اقتصادي ترجيحن تي عملدرآمد ۽ اقتصادي هدفن کي حاصل ڪرڻ تي آهي، پرڏيهي وزير اقتصادي سفارتڪاري کي موثر انداز ۾ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سينئر سفيرن پاران سامهون ايندر تجويزن جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ پرڏيهي وز??رت ۾ اقتصادي سفارتڪاري ڊويزن جي جلد قيام جي لاءِ پرعزم آهيون.