اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ جاري سمورين ترقياتي اسڪيمن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي بهتر خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي. هن اها هدايت انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سيد ??مين الحق، قانون واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فروغ نسيم ۽ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد ??لي حيدر زيدي سان ڳالهائيندي ڏني جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪراچي ۾ جاري مختلف ترقياتي اسڪيمن سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ?? ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت جي ڪارڪردگي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظ?? هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ جاري سمورين ترقياتي اسڪيمن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي بهتر خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي. هن نوجوانن جي لاءِ روزگار جا ??سي?? پيدا ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي فروغ لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي.