اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ اربع ڏينهن وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ منعقد تقريب ۾ ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت بنا وياج قرض پروگرام جاري ڪندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ڪامياب پاڪستان پروگرام غربت جي خاتمي لاءِ وزيراعظم ??ي ويزن جو حصو آه?? جنهن ۾ نوجوانن، عورتن، آبادگارن، گهٽ لاڳت وارن گهرن جي تعمير ۽ ڪاروبار شروع ڪرڻ جي لاءِ ٻن سالن ۾ ڪل 407 ارب ??پي?? جا قرض فراهم ڪيا ويندا. ان مدي ۾ حڪومت 56 ارب ??پي?? جي سبسڊي فراهم ڪندي. ڪامياب پاڪستان پروگرام جو بنيادي مقصد هيٺئين طبقي کي ريليف فراهم ڪرڻ ۽ معاشي واڌويجهه کي فروغ ڏيڻ آهي. تقريب فيصل مسجد اسلام آباد ۾ منعقد ڪئي ويندي. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب پڻ ڪندو.