لاهور – 12 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مخالف ڌر وارا جيترو چاهين واسڪٽون ۽ شيروانيون سبرائين انهن جي ??خري منزل ا??يالا جيل آهي، وزيراعظم عمران خان جي ??لاف بي اعتمادي رٿ جي ناڪامي کانپوءِ مخالف ڌر هڪ ٻئي جي ??لاف بي اعتمادي ڪندا، اتحادي اسان جا لاڏلا آهن ۽ انهن کي سدائين سيني سان لڳائي رکيو، اهي وزيراعظم سان گڏ هئا، آهن ۽ رهندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن حافظ آباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ??لاف بي اعتمادي رٿ جي ناڪامي کانپوءِ مخالف ڌر جا ماڻهو هڪ ٻئي جي ??لاف بي اعتمادي ڪندا، اتحادي اسان جا لاڏلا آهن ۽ انهن کي سدائين سيني سان لڳائي رکيو، اهي وزيراعظم سان گڏ هئا، آهن ۽ رهندا. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ کان اڳ اسلام آباد ڊي چوڪ ۾ وڏي عوامي ميڙ سان مخالف ڌر جون اکيون کلي وينديون، نواز شريف ۽ آصف علي زرداري جي ??ور ۾ 400 ڊرون حملا ٿيا پر وزيراعظم عمران خان اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ واعدو ڪيو هو ته هو ڪنهن جي ??ڳيان نه جهڪندو ۽ نه قوم جو ڪنڌ جهڪڻ ڏيندو. مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان ناموس رسالت ۽ اسلامو فوبيا جو ڪيس جهڙي طرح وڙهيو پوري دنيا ان جي معترف آهي ۽ وزيراعظم عمران خان غيرملڪي قوتن کي ايبسوليوٽلي ناٽ چئي قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو آهي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آزاد ۽ خودمختيار پرڏيهي پاليسي جو بنياد رکيو ويو آهي. فرخ حبيب چيو ته پاڪستان کي هن وقت عمران خان جهڙي دلير قيادت ۽ ليڊر جي ??رورت آهي، عوام پرچيءَ واري وزيراعظم کي ڪنهن به صورت ۾ پسند نه ڪندي. هن چيو ته مخالف ڌر وارا جيترو چاهين واسڪٽون ۽ شيروانيون سبرائين پر انهن جي ??خري منزل ا??يالا جيل آهي. هن چيو ته ??ول??نا فضل الرحمان جو بي اعتمادي رٿ جي ناڪامي جي ??ورت ۾ ملڪ ۾ انارڪي جي ??دشي وارو بيان ملڪي حالتن کي خراب ڪرڻ جو اشارو آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. هن وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر جا ماڻهو ۽ انهن جا ننها مُنا ٻار رڳو پنهنجي ڪرپشن جي ??قم کي بچائڻ جي لاءِ سرگرم آهن?? انهن جي ڪا قومي ايجنڊا نه آهي رڳو ذاتي ايجنڊا آهي.