اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سنڌ هائوس کي نيلام گهر بڻايو ويو آهي، مسٽر فراڊيا جمع آهن، چوري، لُٽ مار جو پئسو ا??هن ماڻهن وٽ هو، سينيٽ اليڪشن ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن جا ضمير خريد ڪيا پئي ويا، وڊيو به موجود آهي، اليڪشن ايڪٽ واضح آهي ته ڪ??هن ووٽر کي پئسن جي ذريعي خريد نٿو ڪري سگهجي، اليڪشن ڪميشن وٽ موقعو اچي ويو آهي ته هو ان جو خاتمو ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي وزير فرخ حبيب اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران قانون ۽ انصاف واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪ??و. فرخ حبيب چيو ته اين ايف سي جي مد ۾ سنڌ حڪومت 2000 ارب کڻي وئي پر ڪٿي استعمال ٿيا ان جو پتو ئي نه آهي، جيڪي ڪائونسلر نه پئي بڻجي سگهيا، اهي ٽڪيٽ جي لاءِ عمران خان جي پيرن ۾ ويٺل هئا، اليڪشن ڪميشن يوسف رضا گيلاني جي خلاف ڪيس جو به فيصلو ڪري ۽ ووٽ جي خريد ۽ وڪري کي فوري طور تي روڪي، اسان ا??بس??وٽلي ناٽ چئي ڪجهه غلط ناهي ڪ??و، ان جو نتيجو ڀوڳڻ جي لاءِ تيار آهيون، ڪپتان ڄمي مقابلو ڪندو، ڪ??هن قسم جي بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندو ۽ نه ئي ڪ??پرومائيز ڪندو، مملڪتي وزير چيو ته اڄ سڀ چور هڪ طرف ۽ عمران خان جي سامهون ڄمي بيٺل آهي، جڏهن ڪو اتحاد ٺهندو آهي ته سڀني کي گڏ کڻي هلڻو پوندو آهي، اسان پاڪستان جي جمهوريت کي نيلام گهر بڻجڻ نه ڏينداسين، ڀرپور مزاحمت ڪنداسين ۽ رڪاوٽ بڻجي بيهنداسين، آرٽيڪل 63 اي واضح آهي، قانون ان لاءِ ٺاهيو ويندو آهي ته ان جو خوف هجي، ماڻهو قانون نه ٽوڙين، جيڪڏهن ا??هن جا ضمير ايترا جاڳي ويا آهن ته نيلام گهر کان ٻاهر نڪرن ۽ ٻيهر اليڪشن وڙهي ڏسي وٺن ته ا??هن سان ڪيتري عوام آهي، ان موقعي تي قانون ۽ انصاف واري پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري چيو ته اليڪشن ڪميشن جي سامهون جيڪو ڪيس آهي اهو عام نه آهي، هڪ تاريخ لکي رهيو آهي ۽ ضمير فروشي جو اهو عمل عوام جي سامهون پهريون ڀيرو ته ناهي آيو، اليڪشن ڪميشن اسان آئيني ادارن، عوام جي ووٽ ۽ جمهوري عمل جو محافظ آهي، گيلاني جي وڪيل هاڻي اهو ٻڌايو آهي ته وڊيو جيڪا سامهون آئي اها اسان جي نه هئي، اليڪشن ڪميشن کي درخواست آهي ته هي اهم موڙ آهي، آئيني اداري کي ڪ??هن ڪم جي لاءِ ٺاهيو ويو آهي، هي موقعو آهي ته پارليامينٽ ميمبر ضمير وڪڻندا ته پاڻمرادو ??وٽيس وٺي کين سزا ڏني وڃي.