اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي گادي و??ري شهر جي ترقياتي منصوبن ۾ معيار تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، ترقياتي منصوبن کي ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کان اڳ مڪمل ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ اسلام آباد جي هائوسنگ جي شعبي ۾ سيڙپڪ??ري جي حوالي سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي و??ري وفاقي وزير اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف و??ري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي صلاح??ار احد چيما، وزيراعظم جي ناڻي و??ري خاص معاون طارق باجوه، ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ۽ اعليٰ سرڪ??ري آفيسرن ش??ڪت ڪئي. ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي عملدارن ان حوالي سان وزيراعظم کي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پرڏيهي پاڪستانين جي لاءِ وفاقي گادي و??ري شهر جي ريئل اسٽيٽ جي شعبي ۾ اهڙيون هائوسنگ سوسائٽيز ۽ رهائشي عمارتون تعمير ڪيون وڃن جيڪي جديد سهولتن سان ليس هجن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن هائوسنگ يونٽس جي تعمير ۾ تجربيڪار ۽ سٺي ش??رت رکندڙ ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن، ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جا اهي منصوبا جن ۾ سيڙپڪ??ري جي حوالي سان صلاحيت آهي، جي مناسب مارڪيٽنگ ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته وفاقي گادي و??ري شهر جي ترقياتي منصوبن ۾ معيار تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته ترقياتي منصوبن کي ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کان اڳ مڪمل ڪيو وڃي.