اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظ?? عمران خان مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي سخت محنت ڪري رهيو آهي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳوا?? شهباز شريف جي غيرجمهوري ۽ غيرآئيني مطالبن کي قبول نه ٿو ڪري سگهجي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته مخالف ڌر عوامي حمايت وڃائي چڪي آهي، مسلم ليگ (ن) جي اڳوا?? شهباز شريف کي هاڻي چار سال انتظار ڪرڻ گهرجي، کيس جمهوري حڪومت جي خلاف منفي پروپئگنڊه تي مايوسي ٿيندي.