اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات ب??بت خاص مددگار ڊا??ٽر فردوس عاشق اعواڻ 2020ع کي مل?? جي تعمير ۽ ترقي، معاشي اس??حڪام ۽ رليف جو سال قرار ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان 23 سال مسلسل جدوجهد کانپوءِ پاڪستان کي اس??حڪام پاڪستان جي سفر تي گامزن ڪري ڇڏيو آهي، هو روايتي سياستدان نه پر هڪ مقبول اڳواڻ آهي جيڪو ذاتي فائدي بدران قومي مفاد کي ترجيح ڏيندي عوام جي خوشحالي ۽ آئنده نسلن جو سوچي ٿو، 2020ع وزيراعظم جي قيادت ۾ معاشي اس??حڪام سان حاصل ٿيندڙ ثمر عوام تائين پهچائڻ جو سال هوندو، دنيا جي سامهون مل?? جو مثبت تشخص ۽ روشن چهرو اجاگر ڪرڻ ۽ قومي بياني جي فروغ ۾ قومي خابرو ادارو ”اي پي پي“ اهم ڪردار رکندڙ آهي، عمران خان جي ويزن موجب اي پي پي کي اهڙو ادارو بڻائينداسين جو سڄي دنيا جا خابرو ادارا ان کي رول ماڊل قرار ڏئي ان جي تقليد ڪندا. هو نيشنل لائبريري ۾ قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي ايوارڊ ورهائڻ ??اري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.