اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته حفاظتي تدبي??ون اختيار ڪرڻ جي ح??الي سان موثر عوامي آگاهي مهم کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ون?? پاران جاري بيان موجب اها هدايت هن اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان ملاقات دوران ڪئي. ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ اطلاعات واري وزارت پاران ڪورونا وائرس جي ح??الي سان عوامي آگاهي مهم خاص طور تي رمضان مهيني ۾ حفاظتي تدبي??ون اختيار ڪرڻ جي ح??الي سان عوام کي ترغيب ڏيڻ جي ح??الي سان جوڙيل حڪمت عملي تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني.