اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي ??رادري کي سربرينيشيا ۾ 25 سال اڳ ٿيندڙ نسل ڪشيءَ ۽ قتلام جهڙن واقعن مان سبق سکڻ گه??جي ۽ اهڙن واقعن کي ٻيهر رونما ٿيڻ جي اجازت نه ڏيڻ گه??جي، اڄ ڪشميري عوام کي ڀا??ت جي 8 لک فوج يرغمال بڻائي رکيو آه??، خدشو آهي ته اتي به اهڙو افسوسناڪ قتلام نه ٿئي. سربرينيشيا ۾ ٿيندڙ نسل ڪشيءَ جي 25 هين ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته مون کي قتلام جو اهو ڏينهن چڱي طرح ياد آهي، اهو واقعو انتهائي ڏک ۽ صدمي ??و سبب آهي. هن چيو ته سربرينيشيا ڪڏهن گڏيل قومن جي امن فوج جي پرامن جنت هئي، اهڙي پرامن جڳهه تي 25 سال اڳ اهو ڪيئن ممڪن ٿيو، مون کي اڃا به ان ڳالهه جو صدمو آهي ته عالمي ??رادري ان واقعي کي ڪيئن رونما ٿيڻ ڏنو. هن چيو ته اهو ضروري آهي ته اسان ان واقعي مان سبق سکون، عالمي ??رادري کي مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي ٻيهر رونما ٿيڻ جي اجازت نه ڏيڻ گه??جي.