اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيدالاضحيٰ جي موقعي تي بازارن ۽ جانورن جي منڊين ۾ رش کان پاسو ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت جي پاليسين ۽ عوام جي نظم ۽ ضبط سان ڪورونا وبا تي ڪافي حد تائين ضابطو آڻي ورتو آهي، جيڪڏهن ??ڌيڪ احتياط ڪنداسين ته ان وبا کي مڪمل شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن ??نهنجي وڊيو پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته ڪورونا وائرس جي ??والي سان پاڪستان جيڪا ڪاميابي حاصل ڪئي آهي اها حڪومت جي ??مارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي ۽ شهرين پاران ڪورونا وبا کان بچاءُ جي ??ابطن تي عملدرآمد جي ڪري ممڪن ٿي آهي. هن چيو ته دنيا ۾ ڪورونا وائرس ۾ اضافو ٿيو. پاڪستان ۾ ان وبا تي ڪافي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي. 30 جون کان ان ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي ?? مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي. هن چيو ته ماڻهن چيو ته موسم جي ??ورتحال جا وبا جي ??دت تي اثر پوندا پر پاڙيسري ملڪ ڀا??ت ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان تي الله جو ??حسان آهي، حڪومت لاڪ ڊائون ۽ غريب جي لاءِ پاليسيون اختيار ڪيون. ماڻهن کي احساس پروگرام ذريعي رقم فراهم ڪئي وئي ته جيئن اهي گهرن ۾ رهي ايس او پيز تي عمل ڪري سگهن، حڪومت پاران جوڙيل ايس او پيز تي عمل ذريعي تراويح نماز ۽ عبادتن جو ??لسلو جاري رهيو.