اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر استعيفائن جو ڪارڊ وقت کان اڳ کيڏي پنهنجو پاڻ کي بند گهٽيءَ ۾ بيهاري ڇڏيو آهي، پيپلزپارٽي ڪنهن به صورت ۾ صوبي جو اقتدار نه ڇڏيندي، مولانا فضل الرحمان گذريل ڀيري جي دوکي جو انتقام وٺڻ جي لاءِ بي تاب آهي، سياسي اداڪار نو??ز شريف اڳوڻي وزيراعظم جوڻيجو جي پٺيءَ ۾ ڇڙو هنيو، غلام اسحاق خان سان گڏجي بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪيرائي، آءِ ج?? آءِ ج?? پليٽ فارم تان نو??ز شريف بينظير ڀٽو کي مختلف لقبن سان نو??زيو. هو ??ي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.