اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) چين، ترڪي، آمريڪا، فرانس، جاپان، ڀارت، ابوظهبي، افغانستان، سريلنڪا، هانگ ڪانگ سميت سڄي دنيا جي پاڪستاني س??ار??ي مشنز ۾ پاڪستان جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. اڱاري ڏينهن ٻاهرين ملڪ پاڪستاني س??ار??ي مشنز ۾ پاڪستان ڏهاڙي جون تقريبون منعقد ٿيون. ان موقعي تي قومي جهڊو بلند ڪيو ويو ۽ صدر ۽ وزيراعظم جا پيغام پڙهي ٻڌايا ويا. پاڪستاني سفيرن ۽ شرڪت ڪندڙن ان ڏينهن جي اهميت کي اجاگر ۽ تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. 81 هين يوم پاڪستان جي موقعي تي بيجنگ ۾ پاڪستاني س??ار??خاني ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب منعقد ٿي، تقريب ۾ پاڪستاني برادري جي ميمبرن ۽ چين ۽ پاڪستاني ميڊيا جي نمائندن سميت مهما??ن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. پاڪستان جي سفير معين ا??حق تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن کي خراج تحسين پيش ڪيو. 23 مارچ 1940ع جي اهميت کي اجاگر ڪندي هن چيو ته هي اهو ڏينهن هو جڏهن ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن قائداعظم محمد علي جناح جي متحرڪ قيادت ۾ پنهنجي لاءِ ڌار ملڪ بڻائڻ جو فيصلو ڪيو. پاڪستاني سفير غير قانوني ڀارتي و??لاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ ڪشمير ڪاز لاءِ پنهنجي اخلاقي، سياسي ۽ س??ار??ي حمايت جاري رکڻ جو عزم ورجايو.