اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) گلگت ??ل??ست??ن کي عبوري صوبو ٺاهڻ جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان پاران جوڙيل ڪميٽ?? جو پهريون اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس جي صدارت ڪشمير ۽ گلگت ??ل??ست??ن معاملن واري وفاقي وزير علي امين خان گ??ڊاپور ڪئي. اجلاس ۾ قانون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم، گلگت ??ل??ست??ن جو وڏو وزير خالد خورشيد، ڪشمير معاملن واري وفاقي سيڪريٽري کانسواءِ پرڏيهي وزارت، دفاع واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي اهم عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته عبوري صوبي جي قيام جي حوالي سان گ??گت ??ل??ست??ن اسيمبلي جي متفقه قرارداد گلگت ??ل??ست??ن جي عوام جي امنگن جي عڪاس آهي ۽ ا??ان جي حڪومت ان واعدي جي تڪميل کي يقيني بڻائي رهي آهي. اجلاس ۾ گلگت ??ل??ست??ن کي عبوري صوبي جي حيثيت ڏيڻ جي حوالي سان مختلف ماڊلز تي به تفصيلي غور ڪيو ويو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته گلگت ??ل??ست??ن کي عبوري صوبو ٺاهڻ جي حوالي سان قومي مفادن، عوام جي امنگن ۽ سياسي اتفاق راءِ کي يقيني بڻايو ويندو.