اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) ??اح??ليات جي شعبي ۾ حڪومتي ڪوششن جي اعتراف ۾ پاڪستان گڏيل قومن جي ??اح??ليات بابت پروگرام (يو اين اي پي) جي سهڪار سان ??اح??ليات جي عالمي ڏهاڙي 2021ع جي ميزباني ??ند??. ??اح??ليات جو عالمي ڏهاڙو پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ 5 جون تي ملهايو ويندو. پاڪستان کي ??اح??ليات جي عالمي ڏينهن جي تقريبن جي ميزباني جو اهو اعزاز وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت طرفان قدرتي ??اح??ل جي بحالي ۽ تحفظ ۽ مسئلن جي حل لاءِ قدرتي طريقن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ڪوششن جو عالمي سطح تي اعتراف آهي. وزيراعظم عمران خان جي حياتياتي تنوع جي ڪنووينشن ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ قائداڻي خطاب ۽ سندس قيادت ۾ صاف ۽ سرسبز پاڪستان پروگرام، 10 بلين ٽري سونامي پراجيڪٽ ۽ جهنگلي حيات لاءِ محفوظ علائقن کي فروغ ڏيڻ جهڙي قدرتي ??اح??ل جي تحفظ ۽ بحالي جي منصوبن جي صورت ۾ پاڪستان جي عالمي اڳواڻ جي حيثيت سان ڪردار کي تسليم ??ند?? يو اين اي پي ??اح??ليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني جي آڇ ڪئي هئي. هن سال ??اح??ليات جو عالمي ڏهاڙو ”ايڪو سسٽم جي بحالي“ جي عنوان سان ملهائيندي قدرت سان پنهنجي تعلق ??ي نئين سر قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويندو. ان موقعي تي گڏيل قومن جي ايڪو سسٽم جي بحالي جي ڏهاڪي 2021ع کان 2030ع جو به باضابطه افتتاح ڪيو ويندو. ??اح??ليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني سان پاڪستان جو دنيا ۾ مثبت تشخص اڀرندو جڏهن ته موسمياتي تبديلين ۽ ??اح??ليات جي تحفظ ۽ فروغ جي حوالي سان قومي عزم، پروگرامن، منصوبن ۽ ڪاميابين کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جو موقعو به ميسر ايندو. ??اح??ليات جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان سرگرمين جو اهتمام موسمياتي تبديلي واري وزارت ??ند??. ان ڏينهن جي مناسبت سان اعليٰ سطح جي تقريبن جو ان??قاد ڪيو ويندو جنهن ۾ صدر، وزيراعظم، عالمي اڳواڻن ۽ ٻاهرين نمائندن جي شرڪت جو امڪان آهي، جرمن واچ موجب پاڪستان گذريل 20 سالن جي دوران موسمياتي تبديلين جا اثر سڀ کان وڌيڪ متاثر 10 ملڪن ۾ شامل آهي. پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن جي ڪري 2010ع کانپوءِ مسلسل ٻوڏن، ٿرپارڪر ۽ چولستان ۾ شديد ڏڪار، ملڪ جي ڏاکڻي حصي ۾ شديد گرمي جي لهر، طوفان، سامونڊي طوفان، لينڊ سلائيڊنگ ۽ ملڪ جي اترين علائقن ۾ گليشيئرز جي پگهرجڻ سان ٺهندڙ ڍنڍن جي ٽٽڻ جي ڪري ٻوڏ جهڙين ڪيفتين جا خطرا درپيش رهيا آهن.