اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چونڊون 2023ع ۾ آءِ وٽنگ سان اوورسيز پاڪستانن کي ووٽ ڏيڻ جي قابل بڻائڻ لاءِ رجسٽريشن جلد شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آه??، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني رڪارڊ مٽاسٽا جي ناڻي سان ??لڪي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آه??، پرڏيهي پاڪستانين کي سپريم ڪورٽ جي حڪمن موجب اڃان تائين ووٽ وجهڻ جي سهولت ناهي ملي، اهڙن خيالن جو اظهار هن آءِ ووٽنگ جي ذيلي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير سيد امين الحق، سائنس ۽ ٽيڪنالا??ي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ظهير الدين بابر اعواڻ، سائنس ۽ ٽيڪنالا??ي واري وفاقي سيڪريٽري ند??م ارشد ڪياني، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت، نادرا ??ي وقتي چيئرمين برگيڊيئر (ر) خالد لطيف، ڊي جي آءِ ٽي اي سي پي خضر عزيز ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. صدر اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته توهين عدالت کان بچڻ لاءِ چونڊن ۾ آءِ ووٽنگ سان ??اهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي شرڪت يقيني بڻائڻ ضروري آه??، ڇاڪاڻ جو ماضي ۾ عدالت ان حوالي سان ??دايتون ڏئي چڪي آه??، لاڳاپيل ادارا انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪيمونيڪيشن واري وزارت، سائنس ۽ ٽيڪنالا??ي واري وزارت، نادرا ۽ ٻاهرين ملڪ مشنز، اليڪشن ڪميشن جي منظوري کانپوءِ تقريبن 90 لک اوورسيز پاڪستانين جي رجسٽريشن لاءِ انتظام ڪري هن سائنس ۽ ٽيڪنالا??ي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته هو موقف کي ثبوت جي طور تي اي سي پي کي بريفنگ لاءِ پروٽوٽائيپ اي وي ايم ٺاهي ته جيئن حتمي اي وي ا??م اليڪشن ڪميشن پاران بهتر خصوصيتن موجب بڻائي سگهجي، هن چيو ته چونڊ سڌارن جو عمل اليڪشن ڪميشن جو مينڊيٽ ۽ بنيادي ذميداري آه??.