اسلام آباد – 30 جول??ءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد الحمد المالڪي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران سعودي سفير وزيراعظم عمران خان کي ولي عهد محمد بن سلمان پاران آڪٽوبر 2021ع ۾ سعودي عرب جي ميزباني ۾ ”مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو“ جي موضوع تي ٿيندڙ سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ل??ءِ باضابطه دعوت ڏني. واضح رهي ته سعودي ولي عهد پاران مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو جو ا??لان هلندڙ سال جي آغاز ۾ ڪيو ويو هو، جيڪو وزيراعظم پاڪستان جي ڪلين ۽ گرين پاڪستان ۽ 10 ارب سونامي ٽري منصوبي سان هڪجهڙائي رکي ٿو. پاڪستان ۽ سعودي عرب ماحوليات ۾ تبديلي بابت پنهنجي حڪمت عملي ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ ل??ءِ به هڪٻئي سان ويجهو تعاون ڪري رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان کي ان سربراهه اجلاس ۾ ڏني ويندڙ دعوت ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ ل??ءِ پاڪستان جي قائداڻي ڪردار جو ا??تراف آهي.