پشاور – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پشاور ڪ??ر هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. خيبرپختونخوا جو گورنر ۽ وڏو وزير به وزيراعظم سان گڏ هئا. پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي موجب ڪورهيڊڪوارٽرز آمد تي وزيراعظم ??ادگارشهداءِ تي گلن جي چادر چاڙهي، ان موقعي تي کيس سيڪيورٽي جي موجوده صورتحال، جاري استحڪام جي ڪاررواين، پاڪ افغان بارڊر تي خاردار تار لڳائڻ ۽ نون ضم ٿيل ضلعن ۾ جاري سم??جي ۽ اقتصادي ترقي جي منصوبن جي باري ۾ تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي پاڪ افغان بين الاقوامي سرحد تي سيڪيورٽي جي بدلجندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيل منصوبابندي کان به آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم ??اڪستان جي جامع بارڊر مينيجمينٽ رجيم جي افاديت ۽ موثر سرحدي ڪنٽرول ۽ داخلي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ کنيل عملي قدمن تي اطمينا?? جو اظهار ڪ??و. وزيراعظم خيبرپختونخوا جي نون ضم ٿيل ضلعن ۾ سم??جي ۽ اقتصادي ترقي جي منصوبن جي تڪميل لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪئي جيڪا علائقي جي پائيدار استحڪام ۽ پائيدار ترقي لاءِ اهم آهي، وزيراعظم ڪورونا، ماڪڙ، پوليو جي خاتمي جي مهم ۽ وڻڪاري جي دوران سول انتظاميه جي مدد ??ي به فارميشن جي ڪردار کي ساراهيو.