اسلام آباد -21 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي سان بيلجيئم ??ي نائب پرڏيهي وزيراعظم۽ پرڏيهي وزير صوفي وليمز ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن افغانستان ۾ حالتن جي تبديلي جي حوالي سان ڳال??ه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس طرفان جا??ي بيان مطابق ان موقعي تي ڳالهائيندي شاه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ڪابل ۾ وطن واپسي جي منتظر عالمي ادارن جي ڪارڪنن ۽ مختلف ملڪن جي سفارتي عملي جي جلد نيڪالي ۾ معاونت فراهم ڪري رهيو آهي. بيلجيئم ??ي پرڏيهي وزير ڪابل مان بيلجيئم ??ي سفارتي عملي جي نيڪالي م خاص معاونت جي فراهمي تي پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جو شڪريو ادا ڪيو.