اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حب??ب چيو آهي ته پرچيءَ چيئرمين بلاول، توهان ته ڏينهن ۾ جاڳندي حڪومت ٺاهڻ جا خواب ڏسي رهيا آهيو، خواب ڏسڻ تي ڪا پابندي نه آهي، بلاول، توهان وفاقي يا صوبائي حڪومت بابت سوچڻ ڇڏي ڏيو، ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ جي ??وام به توهان کي رد ڪري ڇڏيندي، هينئر ته زرداري جي ??ساب جو وقت آهي، بلاول ئي ٻڌائي ڇڏي ته سندس بابا پاڪستان جي ڦريل دولت ڪڏهن ۽ ڪيئن واپس ڪندو؟ سنڌ جي ??وام کي ذخيره اندوزن، ٽينڪر مافيا جي ??حم ڪرم تي ڇڏيو ويو، اربين رپين جي ڪڻڪ هڙپ ڪريو ٿا جڏهن پڪڙيا وڃن ته ذميواري چوهن تي وڌ?? وڃي ٿي. بلاول زرداري جي ??يان تي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حب??ب چيو ته بلاول ۽ زرداري پارٽي جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو، هاڻي ته جيالا به سوچڻ تي مجبور آهن ته ڪهڙي ڪرپٽ پارٽي جو حصو آهيون، بلاول صاحب، توهان کي مشورو آهي ته سنڌ جي ??وام جي ??نيادي مسئلن تي ڌيان ڏيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان کي دنيا ڄاڻي ٿي ۽ عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسي ٿي، ماضي جي ??ڪمرانن جو عالمي قيادت آڏو معذرت خواهڻو رويو هوندو هو، عمران خان اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهه ڪري ٿو. هن چيو ته اسان جي ??ڪومت جي ??ولين ترجيح عام ماڻهو جي ??رقي آهي، ان جي لاءِ قدم کني رهيا آهيون. وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ بنا ڪنهن فرق جي پوري ملڪ ۾ تعمير ۽ ترقي جو ڄار وڇائي رهي آهي. هن چيو ته بلاول کان سوال آهي ته 13 سالن ۾ ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ هڪ ميگا پراجيڪٽ جو ٻڌائي ڇڏي جيڪو مڪمل ڪيو هجي، سنڌ ۾ صاف پاڻي، تعليم، صحت، ٽرانسپورٽ، رستن جي ??عمير سميت هر شعبي ۾ وفاق ڪم ڪندي ن??ر اچي رهي آهي.